اسلام آباد: وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 روپيه 7 پئسن جو وڏو اضافو ڪيو ويو. جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزارت موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيه 7 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، پيٽرول جي في ليٽر قيمت 264 روپيه 61 پئسن مان وڌائي 268 روپيه 68 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 روپيه 4 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 276 روپيه 81 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي جيڪا 272 روپيه 77 پئسا في ليٽر هئي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ پهرين آڪٽوبر کان ٿيندي جيڪا ايندڙ 15 ڏينهن تائين لاڳو رهندي.