سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه، سيهوڻ جا سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ، رستا بند، ڳوٺاڻن دانهون

سيوهڻ: سنڌو درياءَ ۾ مسلسل چاڙھ سبب تعلقي سيوهڻ جا سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.  

ڳوٺ دريديرو، صالح ٻگهيو، حيات خان جلباڻي، الھ وارايو هاليپوٽو، نئون وهڻ، پيرل خان هاليپوٽو، ڀورل خان جتوئي، ماهي اوٺو، مصري خان جتوئي، سميت تعلقي سيوهڻ جا سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.

جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن کان بند ڪمزور، ايريگيشن کاتي جا عملدار لاتعلق بڻيل، ڳوٺاڻن جو شھر ڏانهن ايندڙ زميني رستا پاڻي هيٺ ڳوٺاڻا پرائيويٽ ٻيڙين ذريعي ڳوٺ کان شھر ۽ شھر کان ڳوٺ طرف سفر ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن.  

ڳوٺاڻن دانهون ڪندي ٻڌايو ته سرڪاري ٻيڙيون نه هجڻ تي پرائيويٽ ٻيڙين ۾ روزانو سوين روپيا اچ ونڃ ۾ خرچ ٿين ٿا، نه وري صحت لاءِ ڪا ميڊيڪل ڪئمپ نه قائم ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔