وزيراعليٰ مراد علي شاهه پاران صوبي ۾ امڪاني ٻوڏ بابت لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري

ڪراچي

وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ٻوڏ جي امڪان بابت فوري قدمن لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن.

اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعليٰ چيو ته درياءِ سنڌ ۾ گڊو ۽ سکر وٽ 4 ۽ 5 سيپٽمبر تي گھڻي درجي جي ٻوڏ جو خدشو آهي، تنهن ڪري سڀئي ادارا الرٽ رهن ۽ صوبي جي مون سون برساتن ۽ سيلابي صورتحال جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ منصوبن کي يقيني بڻايو وڃي.

وزيراعليٰ هدايت ڪئي ته ڊويزنل ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، پي ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل کاتا 24 ڪلاڪ الرٽ رهن، پشتن ۽ آباديءَ جي تحفظ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، ساڳئي وقت خيما، راشن بيگ، ٻيڙين، دوائون ۽ مشينري جي موجودگي کي به يقيني بڻايو وڃي.

صحت کاتي کي حڪم ڏنو ويو آهي ته پاڻيءَ سان پيدا ٿيندڙ بيمارين خلاف ميڊيڪل ٽيمون ۽ حفاظتي ويڪسين مهم فوري طور شروع ڪئي وڃي.

مراد علي شاهه زور ڏنو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، تنهن ڪري سڀئي ادارا اين ڊي ايم اي ۽ وفاقي ادارن سان مڪمل رابطو ۾ رهن.

ياد رهي ته اين ڊي ايم اي اڳواٽ خبردار ڪيو آهي ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ به وڏي پيماني تي ٻوڏ جو خطرو موجود آهي ۽ سڀئي لاڳاپيل ادارا انتظامن کي مڪمل ڪن.

جڏهن ته سنڌ حڪومت وزيرن کي فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو، وڏي وزير جي منظوري بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. فوڪل پرسن وزير پنهنجي اختيار ۾ سنڌو درياهه جي بندن جي نگراني ڪندا، گڊو کان سکر تائين مڪيش ڪمار چاولا ۽ سردار محمد بخش مهر بند جا فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن.

سکر کان ڪوٽڙي تائين ڄام خان شورو، ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ ناصر حسين شاهه سنڌو درياهه جي بندن جي نگراني ڪندا.

ڪوٽڙي کان هيٺ رياض حسين شاهه شيرازي ۽ محمد علي ملڪاڻي کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي.

صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي هڪ هفتي تائين پنهنجي تڪن ۾ موجود رهڻ ۽ فوڪل پرسنز سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔