خيبرپختونخواهه: ٻوڏ سبب 493 ڪلو ميٽر روڊ، 32 پل لڙهي ويا، بحالي لاءِ 9 ارب جي ضرورت، نقصان جا تفصيل جاري
پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ تازين برساتن جي دوران ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب مواصلات جي انفرااسٽرڪچر کي پهچندڙ نقصان جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.
مواصلات کاتي ۽ تعميرات 15 آگسٽ کان 22 آگسٽ تائين جي نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب صوبي ۾ ٻوڏ سبب 331 روڊن کي 336 هنڌن تي نقصان پهتو، 493 ڪلو ميٽر تي ٻڌل روڊ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب تباهه ٿي وئي، جن ۾ 57 روڊ اڃان تائين بند آهن. رپورٽ موجب روڊن جي بحالي تي لاڳت جو اندازو 9 ارب 45 ڪروڙ روپيه لڳايو ويو آهي، 229 روڊ جزوي ۽ 50 روڊ مڪمل طور تي بحال ٿي چڪا آهن.
انهي کان علاوه خيبرپختونخواهه ۾ 32 پل ٻوڏ دوران لڙهي ويا، هڪ پل مڪمل ۽ 22 پل جزوي طور تي ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا آهن، جڏهن ته 9 پل اڃان تائين روڊ جي لاءِ بند آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پلن جي مرمت ۽ بحالي تي هڪ ارب 12 ڪروڙ روپيه لاڳت ايندي.
رپورٽ موجب سڀني کان وڌيڪ سوات ۾ 79 روڊ 80 هنڌن تي متاثر ٿيا آهن. سوات ۾ 32 ڪلو ميٽر تي ٻڌل روڊ ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويا. 3 روڊ مڪمل جڏهن ته 75 جزوي طور تي ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيا ويا آهن، 2 روڊ اڃان تائين بند آهن سوات ۾ روڊن جي بحالي تي 45 ڪروڙ کان وڌيڪ روپيه خرچ ڪيا ويندا.
ٻئي طرف بونير ۾ 32 روڊ متاثر ٿيا جن ۾ 39 روڊ جزوي طور تي بحال ڪيا ويا آهن جڏهن ته 4 روڊ مڪمل بند آهن. بونير ۾ روڊن جي بحالي تي ساڍا 4 ارب روپيه لاڳت ايندي. صوابي ۾ به 41 روڊ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن، 32 روڊ اڃان تائين بحال نه ٿي سگهيا آهن. صوابي ۾ روڊن جي بحالي تي 2 ارب 76 ڪروڙ روپيه خرچ ڪيا ويندا. انهي حوالي سان سيڪريٽري مواصلات ۽ تعميرات محمد اسرار نجي چينل سان ڳالهين ۾ چيو ته بونير، صوابي ۽ ٻين ضلعن ۾ تيز برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪافي نقصان ٿيو آهي.
محمد اسرار ٻڌايو ته 15 آگسٽ تي ناڻي کاتي ڏيڍ ارب روپيه جاري ڪرڻ جو چيو هو. 70 ڪروڙ روپيه ٻئي ڏينهن ئي جاري ڪيا ويا. جنهن ۾ 40 ڪروڙ مالاڪنڊ ۽ 10 ڪروڙ روپيه هزاره ريجن کي جاري ڪيا ويا، 20 ڪروڙ پختونخواهه هاءِ ويز اٿارٽي کي جاري ڪيا ويا، 186 ننڍين وڏين مشينرن جي ذريعي روڊن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.