لاهور: وفاقي وزير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته وفاقي حڪومت 27هين ترميم ۽ ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام جي حوالي سان مڪمل طور تي غيره سنجيده آهي.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته نامزدگي ڪاغذ مڃيا ويا آهن، پي ٽي آءِ اميدوار اسان تي ڪوبه اعتراض ناهي لڳايو، 9 سيپٽمبر تي چونڊون ٿينديون. معزز ايوان فيصلو ڪندو.
هن چيو ته آئيني قانوني مرحلو آهي، جمهوري ۽ صحتمند روايت آهي، 2 سال پهريان نوازشريف مينار پاڪستان تي پوري قوم کي چيو هو ته 40 ساله سياسي زندگي جو نچوڙ آهي ته ڀنور مان نڪرڻ جي لاءِ سمورا ادرا گڏ ويهن، هن سال يوم آزادي تي وزيراعظم ميثاق استحڪام پاڪستان جو عنوان ڏنو آهي انهي ۾ سياسي، معاشي استحڪام آهي جيڪو ڳالهين سان ئي ممڪن ٿيندو.
راڻا ثناءُالله چيو ته جيستائين گڏ ٿي نه ويهنداسين انهي وقت تائين مسئلا حل نه ٿيندا. ميثاق استحڪام پاڪستان تي ڳالهيون منتقي انجام تائين پهچڻ گهرجن. هن چيو ته آرمي چيف جي دوري وقت برسلز ۾ سهيل وڙائچ موجود هو، انهي پنهنجي تجسس تي ڪالم ڇپرايو ته انهي تي سندس ڳالهه صحيح هئي پر انهي تي وي لاگ، پوڊ ڪاسٽ سان ڳالهه وڌائي وئي، سهيل وڙائچ جي خلاف سزا جي ڪابه ڳالهه ناهي ٿي.
هن چيو ته گرفتاريون عدالتي فيصلن جو ڳالهين سان ڪوبه تعلق ناهي هوندو، پلوامه ٿيو ته اسان اهو نه چيو ته اسان شرطن تي ڳالهيون ڪنداسين، وفاقي وزير چيو ته عدالتن جو اختيار فيصلو ڪرڻ آهي ۽ پي ٽي آءِ کي اپيل جو اختيار آهي، جيڪڏهن عدالت مان رليف ملي ٿو ته فيصلو خلاف اچي تڏهن به تنقيد قانوني، آئيني حدن ۾ رکڻ گهرجي.
راڻا ثناءُالله چيو ته اوهان پاڻ 5 آگسٽ تي احتجاج جو سڏ ڏنو 25 ڏينهن پهريان ڪهڙو اڳواڻ هو جيڪو چئي رهيو هو ته 5 آگسٽ تي نڪرو، هي چوندا رهيا ته 5 آگسٽ کي اسان عروج تي کڻي وينداسين جيڪڏهن هي ڀڃ ڊاهه گهيراءُ يا باهيون ڏيندا ته ذميواري ته لڳڻي هئي. هن چيو ته 9 مئي جا سمورا ماڻهو هڪ طرف احتجاج طرف ويا، ڇا انهن جا ذهن تيار نه پئي ڪيا ويا، سمورا هيٺيان اڳواڻ چئي رهيا هئا ته خان آهي ته پاڪستان آهي اهو ته ريڊ لائن آهي.
راڻا ثناءُالله خان چيو ته موجوده حڪومت مسلم ليگ(ن) نه ڪنهن ٻئي کي باءِ پاس ڪندي نه ئي وري باءِ پاس ڪرڻ جي اجازت ڏيندي، ڳالهيون سڀني جي سامهون ٿينديون، انهي تي ڪابه پابندي نه آهي، جنهن ڏينهن ميثاق استحڪام جي ڳالهه ٿي ته سڀ ماڻهو موجود هئا.
27هين ترميم ۽ نئين صوبن جي قيام جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب تي هن چيو ته حڪومت 27هين ترميم ۽ صوبن جي حوالي سان مڪمل غير سنجيده آهي، جڏهن ڪا خبر نه هوندي آهي ته اهڙن معاملن کي هلايو ويندو آهي. راڻا ثناءُالله چيو ته خان جيل ۾ سٺو وقت گذاري رهيو آهي، اسان کي ڪوبه اعتراض نه آهي، خان کي 2-2 اي سي ڏنا وڃن، صبح، ٻنپهرن ۽ شام جو کاڌو پي سي سي مان گهرائي ڏيو.