راولپنڊي : فيلڊ مارشل عاصم منير چيني پرڏيهي وزير وانگ شي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي خودمختياري جي حمايت جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن، ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب، چيني پرڏيهي وزير پاڪستان جي ترقي ۽ خودمختياري جي حمايت جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ علائقائي ۽ بين الاقوامي فورمن تي هم آهنگي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير چين جي مسلسل حمايت لاءِ شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ڌرين خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو.