نوان ڪنيڪشن چاهيندڙن کي سستي آر ايل اين فراهمي جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت نوان گئس ڪنيڪشن وٺندڙن کي سستو آر ايل اين جي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.تفصيل موجب، حڪومت هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت گهريلو ۽ ڪمرشل شعبن ۾ نوان گئس ڪنيڪشن چاهيندڙن کي درآمد ٿيل گئس آر ايل اين جي فراهم ڪئي ويندي، جيڪا ايل پي جي کان 31.25 سيڪڙو سستي هوندي.هن فيصلي جو مطلب آهي ته نون گئس استعمال ڪندڙن کي موجوده گهريلو صارفين جي برابر نه سمجهيو ويندو جن لاءِ سليب جي لحاظ کان 12 مختلف درجا آهن.هڪ اعليٰ سرڪاري عهديدار چيو ته پاڪستان هن وقت آر ايل اين جي (درآمد ٿيل گئس) جي وڌيڪ مقدار جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اختيارين چاهين ٿا ته هي گئس ملڪ ۾ نوان گئس ڪنيڪشن چاهيندڙن کي فراهم ڪئي وڃي. هن صورتحال کي ذهن ۾ رکندي، حڪومت 2021 کان لاڳو ٿيل گئس ڪنيڪشن تي پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آر ايل اين جي جي قيمت اڃا تائين ايل پي جي کان 20-25 سيڪڙو گهٽ آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته آر ايل اين جي پائپ ذريعي گئس هوندي. وزيراعظم اصولي طور تي ان قدم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته فيصلي جو خلاصو ڪابينا ڪميٽي آن انرجي (سي سي او اي) کي منظوري لاءِ موڪليو ويو آهي.سي سي او اي جي منظوري کان پوءِ، ماڻهن کي ايل پي جي بدران آر ايل اين جي استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ هڪ ميڊيا مهم پڻ شروع ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته آر ايل اين جي جي قيمت 3300 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو آهي.ٻئي طرف، ايل پي جي جي قيمت 4800 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو آهي جيڪا ظاهر ڪري ٿي ته آر ايل اين جي جي قيمت 1500 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو سستي آهي.ايل پي جي سلنڈر جو استعمال ڪڏهن ڪڏهن خراب معيار جي ڪري زندگين لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔