اسلام آباد: حڪومت کنڊ درآمد ڪرڻ جو هڪ ٻيو ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيو، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان(ٽي سي پي) موجب هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي جيڪو 11 آگسٽ تي کوليو ويندو.
رپورٽ موجب پاڪستان جي حڪومت کنڊ درآمد ڪرڻ جو هڪ ٻيو ٽينڊر جاري ڪيو آهي، ٽي سي پي طرفان آگاهه ڪيو ويو آهي ته هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو ٽينڊر 11 آگسٽ تي کوليو ويندو.
ذريعن موجب انهي کان پهريان به ٽي سي پي ٽينڊر جاري ڪري چڪي آهي، گذريل ٽينڊر ۾ 4 ڪمپنين ٻوليون جمع ڪرايون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻولي جمع ڪرائيندڙ ڪمپنين جا ريٽ وڌيڪ هجڻ سبب اهي ٽينڊر ملتوي ڪرڻ جو امڪان آهي. گذريل ٽينڊرز کان پوءِ موصول ٿيندڙ آڇ موجب درآمدي کنڊ 227 روپيه في ڪلو تائين پاڪستان پهچڻي هئي.
ياد رهي ته 25 جولاءِ تي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان(ٽي سي پي) طرفان گذريل ڪوشش ۾ ڪابه ٻولي نه ملڻ کان پوءِ اندرون ملڪ کنڊ جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ هڪ لک ٽن اڇي ريفائنڊ کند درآمد ڪرڻ جي لاءِ نئون عالمي ٽينڊر جاري ڪيو ويو هو.
نجي چينل جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته نئين ٽينڊر ۾ درآمد جو حدف پهريون مقرر ڪيل 50 هزار ميٽرڪ ٽن کان ٻيڻو ڪيو ويو آهي، قيمتن جي آڇ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 31 جولاءِ مقرر ڪئي وئي هئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب گذريل ٽينڊر ۾ ڪابه ٻولي نه ملي هئي، ڇو ته واپارين موجب شپمنٽ ۽ ترسيل جا وقت غير حقيقي هئا، انهي رد عمل کي نظر ۾ رکندي ٽي سي پي نئين ٽينڊر ۾ ڊليوري جي وقت ۾ نرمي ڪئي هئي.