ڪيف : يوڪرين جي اينٽي ڪرپشن ايجنسي انڪشاف ڪيو آهي ته ان کي ڊرون جي خريداري ۾ ڪرپشن جا ثبوت مليا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب، يوڪرين جي نيشنل اينٽي ڪرپشن بيورو (NABU)، جنهن کي ٻه ڏينهن اڳ يوڪريني پارليامينٽ بحال ڪيو هو، دعويٰ ڪئي آهي ته ان کي ڊرون جي خريداري جي ڪيس ۾ ڪرپشن جا ثبوت مليا آهن.يوڪريني جي اينٽي ڪرپشن ايجنسي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته رياست پاران ڊرون سپلاءِ ڪمپنين سان ڪيل معاهدن ۾ قيمتون وڌيون ويون، جنهن جي ڪري شڪي ماڻهن کي لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو رشوت ملي.ايجنسي هن ڪيس ۾ حراست ۾ ورتل شڪي ماڻهن بابت ڪا به تفصيل جاري نه ڪئي.پرڏيهي ميڊيا ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته پارليامينٽ جو ميمبر، ڪجهه مقامي ۽ سول آفيسر ۽ نيشنل گارڊ جا ماڻهو ڪيس ۾ ملوث هئا.يوڪريني جي اندروني معاملن واري وزارت چيو ته اهو شخص، جيڪو ممڪن طور تي نيشنل گارڊ سان ڳنڍيل هو، کي سندس سرڪاري عهدي تان هٽايو ويو آهي.