فيصل آباد : فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ٻن ڪيسن ۾ عمر ايوب ۽ شبلي فراز سميت 108 جوابدارن کي سزا ٻڌائي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ٻن ڪيسن ۾ سزا ٻڌائي، هن موقعي تي عدالت جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي 108 جوابدارن کي سزا ٻڌائي، عدالت حساس اداري تي حملي ۾ 185 جوابدارن مان 108 کي سزا ٻڌائي جڏهن ته ٻين کي آزاد ڪيو ويو.عدالت عمر ايوب، شبلي فراز ۽ زرتاج گل کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي. قومي اسيمبلي جي ميمبر صاحبزاده حامد رضا کي به 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.