مراڪش: مراڪش جي راڄڌاني رباط ۾ هزارين ماڻهن غزه جي حمايت ۽ اسرائيلي جارحيت جي خلاف احتجاجي مارچ ڪيو.
ريلي ۾ شريڪ مظاهرين فلسطيني جهنڊا کڻي رکيا هئا ۽ غزه جي عوام سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب مظاهرين اسرائيل جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مراڪش حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن.
ريلي جي دوران مظاهرين غزه جو محاصرو ختم ڪرڻ، جنگبندي ڪرائڻ ۽ فلسطينين کي فوري طور تي امداد ڏيڻ تي زور ڏنو. ياد رهي ته اهو احتجاج اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ته غزه ۾ جاري اسرائيلي حملن سبب انساني بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، سموري دنيا ۾ فلسطينين سان يڪجهتي لاءِ مظاهرا ٿي رهيا آهن.