ڪوئٽه: بلوچستان ۾ مبينه غيرت جي نالي تي عورت ۽ مرد جي وحشياڻي قتل جي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. بلوچستان ۾ عورت ۽ مرد جي وحشياڻي قتل جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن جو وڏي وزير سرفراز بگٽي نوٽيس ورتو.
بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته رياست جي مدعيت ۾ دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي هڪ ٻيو شڪي قاتل گرفتار ٿي چڪو آهي، قانون اهڙي وحشياڻي قتل تي پنهنجو رستو وٺندو. ڪوئٽه پوليس جوابدارن خلاف دهشتگردي جي انت واري ايڪٽ قلم 302 ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
ايس ايڇ او نويد اختر ٿاڻي بنه اوڙڪ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، مدعي ٿاڻي ۾ لکت ۾ درخواست ڏني ته وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ عورت ۽ مرد کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. متن موجب پوليس نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ سنجيدي ڊيگاري مارگٽ پهتي. ڄاڻ وٺڻ تي خبر پئي ته واقعو عيدالاضحيٰ کان 3 ڏينهن اڳ جو آهي. واقعي ۾ بانو بي بي ۽ احسان الله کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
سمورا ماڻهو مرد ۽ عورت کي قتل ڪرڻ کان اڳ سردار شير باز خان وٽ وٺي ويا، ڪيس جي مدعي چيو ته واقعي جي دوران وڊيو ٺاهي وئي ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي اپ لوڊ ڪري عوام ۾ خوف حراس پکيڙيو ويو.
فائرنگ ڪندڙن ۾ شاهه وزير، جلال، ٽڪري منير، بختيار، ملڪ امير، عجب خان شامل آهن. سردار شير باز خان فيصلو ٻڌايو ته مرد ۽ عورت ڪاروڪاري جا حقدار ٿيا آهن جنهن کان پوءِ کين فوري طور تي قتل ڪيو ويو. پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته اچ عورت ۽ مرد جي قبر ڪشائي لاءِ ٽيم ڊيگاري رواني ٿيندي. عورت ۽ مرد جي پوسٽ مارٽم سان ڪيترين ئي حقيقتن تان پردو فاش ٿيندو.
پوليس ذريعن موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ مان خبر پوندي ته عورت ۽ مرد کي ڪيتريون گوليون هنيون ويون، خبر پوندي ته واقعو ڪيترا ڏينهن پراڻو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مرد ۽ عورت جي قتل جي وائرل وڊيو ۾ نظر ايندڙ وڌيڪ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ گرفتار جوابدارن جو انگ 13 ٿي ويو آهي. فائرنگ ڪندڙ شخص ۽ وڊيو ۾ نظر ايندڙ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.