انساني ڊاڪٽرن کان چئوڻ تي تيز، بيمارين جي نشاندهي ڪري علاج تجويز ڪندڙ اي آءِ ماڊل تيار

مائڪرو سافٽ دعويٰ ڪئي آهي ته هن اهڙو هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي(اي آءِ ) وارو ماڊل تيار ڪيو آهي، جيڪو انساني ڊاڪٽر کان چئوڻ تي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ٿو.
ڪمپني موجب، هي اي آءِ ماڊل بيمارين جي 85.5 سيڪڙو درستگي سان نشاندهي ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ان انساني ڊاڪٽرن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
مائڪرو سافٽ طرفان ”اي آءِ ڊائگناسٽڪ آرڪيسٽريٽر“ نالي تيار ڪيل ماڊل ورچوئل ڊاڪٽرن جي هڪ پئنل کي متحرڪ ڪري ٿو.
نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسن ۾ ڇپيل تحقيقي مقالي موجب، هن ماڊل 10 مان 8 تحقيقي رپورٽن ۾ بيمارين جي 85.5 سيڪڙو درستگي سان نشاندهي ڪئي.
انهن رپورٽن ۾ 304 ڪيسز شامل هئا، جن ۾ اي آءِ سوالناما تيار ڪيا، ٽيسٽن جون هدايتون ڏنيون ۽ حقيقي طبي فيصلا ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪيو.
مائڪرو سافٽ موجب، هي ماڊل صحت واري شعبي لاءِ انقلابي قدم ثابت ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي پيچيده ڪيسن ۾ ڊاڪٽرن جي مدد لاءِ فائديمند آهي.
ان باوجود ڪمپني تسليم ڪيو آهي ته هي اي آءِ ماڊل اڃا تائين حقيقي دنيا جي ڪلينڪل استعمال لاءِ مڪمل طور تي تيار ناهي ۽ وڌيڪ ڪم ۽ آزمائش جاري آهي.
واضح رهي ته گوگل سميت ٻين ٽيڪنالوجي ڪمپنين طرفان به بيمارين جي نشاندهي لاءِ اي آءِ ماڊل تي ڪم جاري آهي.
آگسٽ 2024 ۾ گوگل ”هيلٿ اڪوسٽڪ ريپريزينٽيشنز“ نالي هڪ اي آءِ ماڊل بابت تحقيقي مقالو جاري ڪيو ويو هو، جيڪو کنگهه جي آواز جو تجزيو ڪري ٽي بي ۽ ڦڦڙن سان لاڳاپيل بيمارين جي نشاندهي ۾ مدد ڏئي ٿو.
ان ماڊل ۾ مشين لرننگ الگورٿم جو استعمال ڪيو ويو هو، جيڪو آواز جي مختلف جزن جو تجزيو ڪري مخصوص بيمارين کي سڃاڻي ٿو، خاص طور تي ٽي بي جي شروعاتي مرحلي ۾ هي نهايت ڪارائتو ثابت ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔