ڪراچي: پاڪ بحريه جي اهتمام هيٺ هڪ پروقار پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي جنهن ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خصوصي طور تي شرڪت ڪئي.
پاڪستان نيول اڪيڊمي پي اين ايس رهبر ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير کي پاڪ بحريه جي دستي سلامي ڏني، فيلڊ مارشل عاصم منير پريڊ جو معائنو پڻ ڪيو.
فيلڊ مارشل عاصم منير 123هين مڊ شپ مين ۽ 31هين شارٽ سروس ڪميشن ڪورس ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام به ورهايا. تقريب ۾ پاڪ بحريه جا اعليٰ آفيسر به شريڪ ٿيا ۽ فارغ التحصيل ڪيڊٽس جي گهر ڀاتين به شرڪت ڪئي.
پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان نيول اڪيڊمي پي اين ايس رهبر ڪراچي ۾ پاڪ بحريه جي ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ مهمان خصوصي جي حيثيت سان شريڪ ٿيو، تقريب ۾ اهم شخصيتن کان علاوه پرڏيهي سفارتڪار به شريڪ ٿيا.
پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ فارغ التحصيل ڪيڊٽس کان ذميوارين جو حلف ورتو ويو، تقريب ۾ مهمان خصوصي فيلڊ جنرل مارشل سيد عاصم منير نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس کي اعزازن سان پڻ نوازيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاسنگ آئوٽ ٿيل ڪيڊٽ عبدالرحمان کي اعزازي شمشير سان پڻ نوازيو.