هفتيوار مهانگائي ۾ گهٽتائي: کنڊ، چانور سميت 14 شيون مهانگيون، 12 سستيون، شماريات کاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: هفتيوار مهانگائي ۾ گهٽتائي نظر آئي، کنڊ چانورن سميت 14 شيون مهانگيون، 12 سستيون ۽ 25 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

شماريات کاتي جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي ۾ اضافي جي رفتار ۾ گهٽتائي جو رجحان لاڳيتو جاري آهي گذريل هفتي سالياني بنياد تي مهانگائي ۾ اضافي جي رفتار جي شرح ڪاٽو 1.52 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته هفتيوار مهانگائي ۾ اضافي جي رفتار ۾ 0.18 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي آهي.

شماريات کاتي جي رپورٽ موجب گذريل هفتي سالياني بنيادن تي به مهانگائي ۾ اضافي جي رفتار جي شرح ڪاٽو 1.52 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. انگن اکرن موجب تازو هڪ هفتي جي دوران بجلي 6.88 سيڪڙو،  ڳڙ هڪ سيڪڙو، کنڊ 0.88 سيڪڙو، ايل پي جي 1.24 سيڪڙو، ٽماٽا 0.99 سيڪڙو باسپتي ٽوٽا چانور 0.69 سيڪڙو مهانگا ٿيا.

خشڪ پائوڊر کير جي قيمت 0.03 سيڪڙو، تازو کليل کير جي قيمت 0.38 سيڪڙو، ڏهي جي قيمت 0.36 سيڪڙو، ساڙڻ جي لاءِ ڪاٺي جي قيمت 0.11 سيڪڙو ۽ ٿوم جي قيمت ۾ 5.15 سيڪڙو اضافو ٿيو.

گذريل هفتي پٽاٽا 1.27 سيڪڙو، بصر 1.46 سيڪڙو،   آنا 12.27 سيڪڙو ڪڪڙ جي گوشت جي قيمتن ۾ 10.75 سيڪڙو، دال ماش، 0.49 سيڪڙو مڱن جي دال 0.39، ڪيلا 2.75 سيڪڙو ۽ 1.01 سيڪڙو سستو ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔