پاڪستان ۾ معاشي استحڪام اچي چڪو آهي، دنيا اسان جي ترقي واري رفتار تي حيران آهي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام اچي چڪو آهي، دنيا پاڪستان جي معاشي بهتري جي رفتار تي حيران آهي، پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام طرف گامزن آهي، پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪري رهيا آهيون.

اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته قرضن جي ادائيگي جو بار گهٽ ٿيڻ جي اميد آهي، ٽيڪس نظام ۾ اصلاحات آڻي رهيا آهيون، پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي سبب معيشت تي مثبت اثر پيا، ايف بي آر ۾ انساني مداخلت گهٽ ٿيڻ سان  شفافيت ايندي، هن چيو ته پي ٽي آءِ ري لانچ جي عمل مان گذري رهي آهي، پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس جمع ڪرڻ جو عمل آسان بنائينداسين. معيشت ۾ ٽيڪنالوجي ٽرانسفارميشن طرف وڃي رهي آهي.

هن چيو ته پاڪ فوج جي جيتري مدد ممڪن ٿي سگهي پوري مدد ڪنداسين هي صرف فوج ناهي پاڪستان جي ضرورت آهي، آءِ ايم ايف بورڊ ۾ قرض پروگرام ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪوشش ڪئي وئي اجلاس نه ٿئي پاڪستان جو ايجنڊا ڊسڪس نه ٿئي، پاڪستان جو ڪيس ميرٽ تي ڊسڪس ٿيو.

وفاقي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جا سمورا حدف پورا ڪري ڇڏيا آهن جيڪڏهن پاڪستان حدف پورا نه ڪري ها ته پريشانيون پيش اچن ها، آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل جاري رکنداسين، آءِ ايم ايف سان تعميري ڳالهيون ٿيون مشن واپس وڃي چڪو آهي، پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي مڪمل سپورٽ حاصل آهي، هلندڙ هفتي ورچوئل ڳالهيون جاري رهنديون.

محمد اورنگزيب واضح ڪيو ته سول ۽ ملٽري پگهارن جي حوالي سان اڃان ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، اڄ دنيا پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي جي حامي آهي، حڪومت معاشي ترقي جو مستحڪم حل چاهي ٿي، معاشي ترقي لاءِ ٽرانسفارميشن ضروري آهي، حڪومت ڊگهي مدي جي لاءِ اصلاحات آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ٻڌايو ته ٽيڪس نظام ۽ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ اصلاحات آندي پئي وڃي، انرجي سيڪٽر ۾ به اصلاحات ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ معاشي استحڪام اچي چڪو آهي دنيا پاڪستان جي معاشي بهتري جو اعتراف ڪري رهي آهي. تقريب جي اختتام تي ناڻي واري محمد اورنگزيب چيو ته واشنگٽن ۽ لنڊن ۾ سرمائيڪارن سان ملاقاتن ۾ معيشت جي باري ۾ مثبت رد عمل سامهون آيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔