اسلام آباد: وفاقي سرڪار ڀارتي حملن سبب ٿيل نقصانن تي ٻڌل رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم سيڪريٽريٽ چئني صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ڀارتي حملن سبب ٿيل نقصانن تي ٻڌل تفصيلن سان رپورٽ تيار ڪري اماڻين
ذريعن موجب نقصانن تي ٻڌل رپورٽ ضلعي ڊپٽي ڪمشنرن کان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سول انفرا اسٽرڪچر، گهرن، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن کي ٿيل نقصانن جا تفصيل گڏ ڪيا ويندا.
ذريعن موجب رپورٽ ۾ انساني حياتين کي پهچندڙ نقصانن جا تفصيل به ڏنا ويندا. ڀارتي حملن سبب نقصان جا تفصيل قومي ۽ عالمي ادارن کي ڏنا ويندا جڏهن ته رپورٽ جي روشني ۾ بحالي جي ڪمن جي منصوبه بندي به ڪئي ويندي.