نئين دهلي: ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته جمون ڪشمير ٻطرفو معاملو آهي، ڀارت جي جمون ڪشمير پاليسي ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي جڏهن ته سنڌ طاس معاهدو به معطل رهندو.
ڀارتي پرڏيهي وزارت ۾ پريس ڪانفرنس دوران رندهير جيسوال ٻڌايو ته پاڪستان 10 مئي تي 2 ڀيرا ڀارت سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. هن ٽرمپ جو بيان رد ڪندي چيو ته 7 مئي جي حملي کان پوءِ 10 مئي جي فوجي ڪارروائي ۽ جنگبندي معاهدي تي پهچڻ تائين آمريڪي اختيارين سان واپار تي ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي.
جمون ڪشمير بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته جمون ڪشمير ٻطرفو معاملو آهي. ڀارت جي جمون ڪشمير پاليسي ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي، انهي کي ٻطرفي طور تي ئي طئي ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير تڪرار تي ڀارت جو موقف اڳ جيان چٽو آهي ۽ اهو مسئلو مڪمل طور تي ٻطرفو آهي. انهي کي صرف ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ئي حل ٿيڻ گهرجي.