اسلام آباد: پاڪستان کي عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) کان هڪ ارب 2 ڪروڙ 3 لک ڊالر جي قسط ملي وئي آهي.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 2 ڪروڙِ 3 لک ڊالر جي قسط ملڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف رقم اي ايف ايف قرض پروگرام جي ٻئي قسط جي طور تي جاري ڪئي آهي.
اسٽيٽ بينڪ جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي جائزه مشن پاڪستان جي معيشت جو جائزو وٺڻ کان پوءِ قسط جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.
آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ رقم جاري ڪرڻ جي منظوري 9 مئي تي ڏني هئي. ٻئي قسط جي رقم 16 مئي 2025 تي ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن جو حصو بڻجندي.