ٿي سگهي ٿو ته اسان پاڪستان ۽ ڀارت کي ايترو ويجهو آڻي سگهون جو هو گڏ ويهي ڳالهيون ڪري سگهن: ڊونلڊ ٽرمپ
رياض: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته شايد اسان پاڪستان ۽ ڀارت کي ايترو ويجهو آڻي سگهون جو هو گڏ ويهي ڳالهيون ڪري سگهن ۽ گڏ ويهي کائي پي سگهن.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پاڪ ڀارت ڇڪٽاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جهيڙي سبب ڪيترائي ماڻهو مارجي سگهن ٿا.
ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته مون پاڪستان ۽ ڀارت کي چيو ته اچو واپار ڪريو، جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي پر هڪ وڏو مسئلو آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ سعودي عرب ۾ ترقياتي ڪمن جي تعريف ڪندي چيو ته رياض دنيا دنيا جو گادي وارو شهر بڻجندو پيو وڃي.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا اڳ کان به وڌيڪ مضبوط آهن. سعودي ولي عهد جي تعريف ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته محمد بن سلمان هڪ بهترين انسان آهي انهي جهڙو ٻيو ڪير به نه آهي. صدر ٽرمپ چيو ته سعودي عرب اچڻ منهنجي لاءِ هڪ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي.
آمريڪي صدر ٽرمپ باضابطه طور تي سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي ڀائيواري جي لاءِ 142 ارب ڊالرز جي معاهدن تي صحيحون ڪيون. اهڙن معاهدن ۾ جي اي گيس ٽريائنز جي برآمدات، توانائي جي شعبي سميت بوئنگ جهازن جي خريداري به شامل آهي.