مشهور ٽَڪ ٽاڪر ”زخمي شيرڻي“ کي پنج لک ڏنڊ ۽ ڦاهي جي سزا ملي وئي

راولپنڊي: مشهور ٽڪ ٽاڪر ريحانا عرف زخمي شيرني کي سندس ڪزن لجپال حسين شاهه جي قتل جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ۽ 5 لک رُپين جو ڏنڊ ٻڌايو ويو آهي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج فرحت جبين ٽن ڏينهن کان محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته:”ڏوهارڻ کي ڦاسي جي ڦندي تي تيستائين لٽڪايو وڃي، جيستائين سندس موت اچي وڃي.”

عدالت رمارڪ ڏنو ته:”ڏوهارڻ سنگين ڏوهه ڪيو آهي ، جنهن لاءِ ڪا به رعايت نه ٿي ڏيئي سگهجي.”

واقعي بابت پوليس ٻڌايو ته رشتيداري جي تڪرار سبب زخمي شيرني پنهنجي ڪزن لجپال حسين شاهه کي قتل ڪيو.

ريحانا 30 بور پسٽول سان مقتول جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، جنهن جي ايف آءِ آر ٿاڻو ڪوٽلي ستياڻ ۾ 23 مارچ 2023 تي داخل ڪئي وئي.

پوليس موجب ته زخمي شيرني وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ ڪيو ويو.

گرفتاري دوران ريحانا هر ٻڌڻي تي هٿڪڙين سميت ٽڪ ٽاڪ ويڊيوز ٺاهيندي رهي.

عدالتي فيصلي کان پوءِ زخمي شيرني کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو پيو وڃي.

ٽڪ ٽاڪر زخمي شيرني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو:”فيصلو درست ناهي، مان هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪنديس.”

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔