شفقت علي ڪينيڊا جو پهريون پاڪستاني ڄائو وزير بڻجي ويو

ٽورنٽو: ڪينڊا جي پارليامينٽ ميمبر کي ڪينڊا جو پهريون پاڪستاني ڄائو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي.

تازو ئي ٿيندڙ چونڊن ۾ شفقت علي برامپٽن مان ٻيون ڀيرو ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ نئين چونڊيل وزيراعظم مارڪ ڪارٽي کيس ٽريزري بورڊ جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پرڏيهي وزير ميلاني جولي کي صنعت واري وزير مقرر ڪري ان جي جڳهه تي انيتا آنند کي پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو آهي.

انهي مقرري سان ئي شفقت علي ڪينڊا جي وفاقي ڪابينه ۾ شامل ٿيندڙ پهريون پاڪستاني ڄائو سياستدان بڻجي ويو آهي. مارڪ ڪارٽي نئين ڪابينه ۾ وزيرن جو انگ به 39 لان گهٽ ڪري 29 ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو مقصد انتظامي سادگي ۽ موثر حڪمراني ٻڌايو ويو آهي. وزيراعظم ڪارٽي گهڻن پراڻن وزيرن کي وزارتن تي برقرار رکيو آهي پر ڪجهه تبديليون به ڪيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔