پاڪ ڀارت جنگبندي کان پوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي تيزي، 9900 کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو

ڪراچي:  ڀارت کي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ کان پوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به انهي جا زبردست اثر نظر اچي رهيا آهن.

اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات سان ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي نظر ۾ اچي رهي آهي، هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس ۾ 9929 پوائنٽس جو اضافو ڏٺو ويو ۽ 100 انڊيڪس کي 117104 تي ٽريڊ ڪندي ڏٺو ويو.

ڪي ايس سي 30 انڊيڪس به 3020 پوائنٽس اضافي سان 35668 تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي. ڪي ايس سي 30 انڊيڪس 5 سيڪڙو وڌڻ تي ڪاروبار کي روڪيو ويو. جڏهن ته 100 انڊيڪس ۾ به تاريخي تيزي تي ڪاروبار کي ڪجهه دير لاءِ روڪيو ويو  جنهن کان پوءِ هڪ ڪلاڪ بعد ٻيهر ڪاروبار جي شروعات ڪئي وئي.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيل تازي ڇڪتاڻ جو اثر اسٽاڪ مارڪيٽ تي به پيو هو. ڀارتي حملي کان پوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 6 هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جي گهٽتائي ڏٺي وئي هئي پر پاڪستان طرفان ڀارت کي ڏنل ڀرپور جواب کان پوءِ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔