ڪراچي: ڀارت کي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ کان پوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به انهي جا زبردست اثر نظر اچي رهيا آهن.
اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات سان ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي نظر ۾ اچي رهي آهي، هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس ۾ 9929 پوائنٽس جو اضافو ڏٺو ويو ۽ 100 انڊيڪس کي 117104 تي ٽريڊ ڪندي ڏٺو ويو.
ڪي ايس سي 30 انڊيڪس به 3020 پوائنٽس اضافي سان 35668 تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي. ڪي ايس سي 30 انڊيڪس 5 سيڪڙو وڌڻ تي ڪاروبار کي روڪيو ويو. جڏهن ته 100 انڊيڪس ۾ به تاريخي تيزي تي ڪاروبار کي ڪجهه دير لاءِ روڪيو ويو جنهن کان پوءِ هڪ ڪلاڪ بعد ٻيهر ڪاروبار جي شروعات ڪئي وئي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيل تازي ڇڪتاڻ جو اثر اسٽاڪ مارڪيٽ تي به پيو هو. ڀارتي حملي کان پوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 6 هزار کان وڌيڪ پوائنٽس جي گهٽتائي ڏٺي وئي هئي پر پاڪستان طرفان ڀارت کي ڏنل ڀرپور جواب کان پوءِ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي هئي.