راولپنڊي: پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيرايل 25 ڀارتي ڊرون اسرائيلي ڪمپني جا تيار ٿيل نڪتا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سافٽ ڪِل(ٽيڪنيڪي) بارڊ ڪِل(هٿيارن) سان هينئر تائين 25 اسرائيلي ساخت جي هيروپ ڊرونز کي ڪيرايو ويو آهي.
ڀارت جي 6 مئي جي رات بزدلاڻي حملي ۾ 5 جديد جهازن، ڊرونز ۽ ڪيترين ئي پوسٽن کي تباهه ۽ فوجين جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ڀارت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي اسرائيلي ساخته هيروپ ڊرونز سان پاڪستان تي حملي ڪري رهيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب اهو بزدلاڻو حملو ڀارت جي پريشاني ۽ بوکلاهٽ جي نشاني آهي. جڏهن ته لائن آف ڪنٽرول تي به ڀارت ڀرپور نقصان کنيو ۽ کڻي رهيو آهي.