اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي ڀارتي حملن جي تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ڀارتي حملي جا تفصيل ٻڌايا، هن مشڪل وقت ۾ ترڪيه جي پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حمايت تي سندس ٿورو ادا ڪيو.
شهباز شريف چيو ته ڀارت جي ميزائل حملي ۾ شهادتن تي ترڪ ڀائرن جي دعائن جي تعريف ڪريون ٿا، ترڪيه جي خطي ۾ امن واستحڪام جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. پاڪستان جو موقف چٽو آهي، اسان امن چاهيون ٿا پر ڪمزوري نه ڏيکارينداسين. هن چيو ته پاڪ فوج دشمن کي پشوارانه مهارت سان شڪست ڏني، اسان جي هٿياربند فوج دشمن جي سامهون ڄمي بيٺل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪي خودمختاري ۽ سرحدن جو هر قيمت تي دفاع ڪنداسين.