”مرڻ ڪنڌيءَ تي آهين، اڃا به نه ٿو مُڙين“ بشريٰ انصاري جي جاويد اختر تي ڇتي تنقيد

ڪراچي : سينيئر ۽ ورسٽائل اداڪارا بشريٰ انصاري ڀارتي ليکڪ، شاعر ۽ اديب جاويد اختر تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
بشريٰ انصاري، جيڪا هن وقت يورپ جي دوري تي آهي، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ جعلي ڪارروائين ۽ پاڪستان خلاف بيانن تي واضع موقف اختيار ڪندي جاويد اختر کي ”بي بنياد الزامن“ تي جواب ڏنو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري هڪ وڊيو بيان ۾ هن چيو آهي ته ”هي ڀارت ڪهڙو ڊرامو هلائي رهيو آهي؟ پهريان پنهنجي ناڪام پاليسين تي نظر وجهو. اهي عورتون جيڪي 40 سالن کان ڀارت ۾ رهي رهيون آهن، هاڻ کين واپس پاڪستان موڪليو پيو وڃي، آخر کين ويزا ڇو ڏني وئي هئي؟“
اداڪارا جاويد اختر کي سڌي ريت تنقيد جو نشانو بڻائيندي وڌيڪ چيو ته ”تون ته الله تي يقين به نٿو رکين ۽ پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇين ٿو. عجيب ماڻهو آهين، مرڻ ڪنڌيءَ تي آهين، اڃا به نه ٿو مُڙين، گهٽ ۾ گهٽ نصيرالدين شاهه وانگر خاموش ئي رهي.“

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔