پاڪستان پاران ابدالي ميزائيل جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي: پاڪستان اڄ ڪاميابي سان ابدالي ويپن سسٽم جو تربيتي تجربو ڪري ورتو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب اهو زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائل آهي جيڪو 450 ڪلو ميٽر تائين حدف کي نشانو بنائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو تجربو مشق انڊس جي حصي طور ڪيو ويو جنهن جو مقصد فوج جي عملي تياري کي جانچڻ ۽ ميزائل جي اهم ٽيڪنيڪي رخن، خاص طور تي جديد نيويگيشن سسٽم ۽ بهتر طريقي سان رستو تبديل ڪرڻ جي صلاحيت کي جانچڻ هو.پاڪ فوج جي ترجمان موجب تربيتي تجربي جو مشاهدو ڪمانڊر آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ، اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن ۽ آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي سينئر آفيسرن، پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ادارن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب صدر آصف زرداري، وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سمورن هٿياربند فوج جي سربراهن تجربي ۾ حصو وٺندڙ آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد ڏني.اڳواڻن پاڪستان جي اسٽڙيٽجڪ فورسز جي عملي تياري ۽ ٽيڪنيڪي مهارت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته هو ملڪي سلامتي جي تحفظ ۽ موثر دفاعي صلاحيت جا حامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔