ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين باوجود پاڪستان جو رد عمل ذميواراڻو آهي: وزيراعطم

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ سياحن مٿان فائرنگ جي واقعي کان پوءِ ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين جي باوجود پاڪستان جو رد عمل ذميواراڻو رهيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪيه جي سفير ملاقات ڪئي جنهن ۾ شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين جي باوجود پاڪستان جو رد عمل ذميواراڻو رهيو آهي. پاڪستان هميشه هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي. ڀارت جا قدم پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.

هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي پهلگام واقعي سان جوڙڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ڀارت پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جو ڪنهن به قسم جو ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان چيو ته ڀارت کي ڀروسي جوڳي، شفاف ۽ اڻڌري عالمي جاچ کاءِ پاڪستان جي آڇ جو جواب ڏيڻو آهي. پاڪستان اهڙي جاچ ۾ مڪمل تعاون ڪندو جيڪڏهن ترڪيه به انهي ۾ شامل ٿئي ٿو ته انهي جي به آجيان ڪئي ويندي.

هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ ترڪيه جي حمايت ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي آهي، پاڪستان هن وقت پنهنجي اقتصادي بحالي ۽ ترقي تي پنهنجو مڪمل  ڌيان رکيو آهي. انهي موقعي تي ترڪ سفير چيو ته ترڪيه پاڪستان جي موقف جو حامي آهي، هن چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن، سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ موجوده بحران ۾ صبر کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔