پي ايس ايل 10 جي ٻن ميچن جو شيڊيول تبديل ٿيڻ جو امڪان

لاهور: پي ايس ايل 10 دوران ملتان ۾ رٿيل ٻن ميچن جو شيڊيول تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ميچن جو شيڊيول تبديل ڪرڻ جو فيصلو ملتان ۾ گرمي سبب ڪيو پيو وڃي، ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پهرين مئي ۽ 10 مئي تي ڏينهن جو شيڊيول ميچون رات جي وقت 6 ۽ 11 مئي تي ڪرائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مئي تي شيڊيول ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز جي ميچ 6 مئي تي ڪرائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته 10 مئي تي شيڊيول ملتان سلطانز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ميچ 11 مئي تي ڪرائي ويندي.
ذريعن موجب ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ مشاورت سان حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔