گڏيل قومن ۽ ٻين ذريعن وٽان گڏ ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا م عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ وڏي ڄمار ماڻينديون آهن.
انگن اکرن موجب عالمي سطح تي مردن جي امڪاني عمر جيڪڏهن 71 سال آهي ته عورتون 76 سالن تائين جيئنديون آهن، مطلب اهي مردن کان سراسري طور 5.3 سال وڌيڪ جيئريون رهنديون آهن.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ پيدائش کانپوءِ امڪاني عمر 73.5 سال آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ٻنهي صنفن جي مجموعي سراسري عمر تقريبن 68 سال رڪارڊ ڪئي وئي آهي، معنيٰ عالمي سطح جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ساڍا 5 سال گهٽ جيئندا آهن.

اگلی پوسٹ