انوشڪا شرما ۽ ويرات ڪوهلي پاران ڀارت ڇڏڻ جو فيصلو

ڪراچي: ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ۽ سندس زال اداڪاره انوشڪا شرما جي ڀارت ڇڏڻ جو سبب سامهون اچي ويو آهي. مشهور اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ جي مڙس ڊاڪٽر شري رام نيني تازو هڪ انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته سپر اسٽار جوڙي ڪوهلي ۽ انوشڪا پنهنجي زندگي جو وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اهي ڀارت ڇڏي لنڊن منتقل ٿيڻ وارا آهن. گذريل هڪ سال کان ويرات ۽ انوشڪا جي ڀارت ڇڏڻ بابت قياس آرائيون جاري هيون، ۽ هاڻ ڊاڪٽر نيني يوٽيوب تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ انوشڪا سان ٿيل ذاتي ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي هن فيصلي جا ممڪن سبب بيان ڪيا آهن. ڊاڪٽر نيني چيو ته اسان انوشڪا سان ملاقات ڪئي هئي ۽ هن ٻڌايو ته هوءَ ان ڪري لنڊن منتقل ٿيڻ جو سوچي رهي آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ ڀارت ۾ هوءَ پنهنجي ڪاميابيءَ جو سڪون سان مزو نٿي وٺي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ويرات ۽ انوشڪا ٻئي تمام نرالا ۽ سادا انسان آهن، پر انهن جي هر حرڪت تي ماڻهن جي نظر هوندي آهي؛ ريسٽورنٽ ۾ کاڌو کائيندي به ماڻهو سيلفي وٺڻ لاءِ اچي وڃن ٿا، جيتوڻيڪ اهو خراب رويو ناهي، پر هڪ حد کان پوءِ اها مداخلت بڻجي ويندي آهي. ڊاڪٽر نيني وڌيڪ چيو ته هي جوڙو چاهي ٿو ته پنهنجي ٻارن کي عام ۽ سڪون واري ماحول ۾ پرورش ڏي، تنهنڪري هنن لنڊن جهڙي شهر کي چونڊيو آهي. واضح رهي ته ويرات ڪوهلي هن وقت آءِ پي ايل 2025 ۾ رائل چيلنجرز بنگلور جي نمائندگي ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سان مداحن ۽ ماهرن ٻنهي کان ساراهه ماڻي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔