جسٽس منصور علي شاهه وقتي چيف جسٽس پاڪستان جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: جسٽس منصور علي شاهه وقتي چيف جسٽس پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي.

رپورٽ موجب حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اسلام آباد جي ججز بلاڪ ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ جسٽس منيب اختر جسٽس منصور علي شاهه کان وقتي چيف جسٽس پاڪستان جو حلف ورتو.

ياد رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي هڪ هفتي جي سرڪاري دوري تي چين  ويل آهي جتي هو جوڊيشل ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اها ڪانفرنس 22 کان 26 اپريل تي چين جي شهر بانگڙو ۾ منعقد ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔