ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي سانحي بابت داخل ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، فردوس شميم نقوي، راجا اظهر، فهيم خان، شاهنواز جدون سميت 46 جوابدارن تي فردِ جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
عدالت ۾ سڀئي جوابدار پيش ٿيا ۽ ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي 23 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته ٽيپو سلطان پوليس ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ جوابدارن تي خانگي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، ماڻهن کي رياست خلاف ڀڙڪائڻ ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جا الزام آهن