ٽرمپ جو طبي معائنو: ذهني ٽيسٽ، دل ۽ دماغ درست: رپورٽ جاري

واشنگٽن(م ڊ) وائيٽ هائوس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو معائني جي نتيجن جي حوالي سان بيان جاري ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر جي سالياني ذهني ۽ جسماني طبي معائنو ڪيو ويو هو. طبي معائني کانپوءِ ٽرمپ جو چوڻ هو ته جسماني ٽيسٽ سان گڏوگڏ ذهني ٽيسٽ به سٺي رهي آهي، منهنجي دل ۽ دماغ سٺي حالت ۾ آهي.  ٽرمپ جو چوڻ هو ته مجموعي طور تي آئون پاڻ کي سٺي صحت ۾ محسوس ڪيو، آئون سوچيو ته بائيڊن کان مختلف هجڻ گهرجي، ان لاءِ ذهني معائنو به ڪرايو ۽ سمورا جواب صحيح ڏنا. وائيٽ هائوس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽرن جي رپورٽ موجب ٽرمپ ذهني ۽ جسماني طور تي بهترين صحت ۾ آهي، بطور ڪمانڊر ان چيف ۽ ملڪي سربراهه پنهنجي ذميداريون نڀائڻ جي مڪمل اهل آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب صدر ٽرمپ جي صحت بابت ماضي ۾ سوال اٿندا رهيا آهن، وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته صدارتي معالج شان باربابيلا تفصيلي جائزو پيش ڪيو آهي ۽ مڪمل رپورٽ به جاري ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔