موسميات کاتي عيدالفطر 31 مارچ تي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: موسميات کاتي 31 مارچ تي عيدالفطر ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، شوال جي چنڊ جي پيدائش 29 مارچ تي رات 3 لڳي 58 منٽن تي ٿيندي، جڏهن ته 30 مارچ، 29 رمضان جي موقعي تي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو.

موسميات کاتي ترجمان موجب، اجلاس جي وقت چنڊ جي عمر 27 ڪلاڪ هوندي، جنهن سبب اِهو سولائيءَ سان نظر ايندو. سج ۽ چنڊ جي لهڻ جي دورانيي ۾ اٽڪل هڪ ڪلاڪ جو فرق هوندو، جنهن دوران چنڊ ڏسي سگهبو.

ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته 30 مارچ تي چنڊ نظر اچڻ جا امڪان آهن، انڪري 31 مارچ تي شوال جي پهرين تاريخ هوندي.

ياد رهي ته شوال جي چنڊ جو حتمي اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔