اتر وزيرستان مان نوان تيل ۽ گئس جا ذخيرا هٿ

ميران شاهه: اتر وزيرستان مان نوان تيل ۽ گئس جا ذخيرا هٿ آيا آهن.ماڙي انرجيز لميٽيڊ اتر وزيرستان مان تيل ۽ گئس جي دريافت جو اعلان ڪيو آهي.ماڙي انرجيز طرفان جاري ڪيل بيان موجب، دريافت ٿيل ذخيري مان شروعاتي طور تي روزانو 2 ڪروڙ 4 لک ڪيوبڪ فٽ گئس حاصل ٿيندي. ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو ته دريافت ٿيل تيل جي ذخيري مان روزانو 117 بيرل ڪچو تيل حاصل ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔