سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري، سوين رپيا مهانگو

ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 11 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 14 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.

اهري ريت ڏهه گرام سون 943 رپيا واڌ بعد 2 لک 69 هزار 890 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 13 ڊالر واڌ سان 2997 ڊالر في اونس آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔