مزارِقائد ۽ مختلف علائقن جون وڊيو ٺاهيندڙ فتنه الخوارج جو اهم رڪن گرفتار

ڪراچي: ڪراچي سي ٽي ڊي جي انٽيليجنس ونگ صدر ۾ ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي اهم رڪن خليل الرحمن کي گرفتار ڪري ورتو.

سي ٽي ڊي اختيارين موجب، جوابدار خليل الرحمن جو تعلق نور ولي الله گروپ سان آهي، جوابدار هڪ وڊيو ٺاهي افغانستان موڪلي ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڌمڪي ڏني هئي ته ”اسان ڪراچي اچي چڪا آهيون.“

اختيارين موجب،جوابدار افغانستان ۾ دهشتگردي جي ٽريننگ پڻ حاصل ڪري چڪو آهي، کيس انٽيليجنس، ٽيڪنيڪل بنيادن ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي.

جوابدارن ڊفينس ۾ الخوارج جي وال چاڪنگ ۾ به ملوث هو.

سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته جوابدار گذريل سال ڊسمبر 2024 ۾ خوارج ڪمانڊر مصباح جي حڪم تي قائد اعظم جي مزار ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وڊيوز ٺاهي وائرل ڪيون.

سي ٽي ڊي اختيارين موجب، جوابدار افغانستان مان ٽريننگ وٺي ڪراچي آيو ۽ مختلف هوٽلن تي ڪم ڪري رهيو هو.

ان کانسواءِ هن هڪ پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپني ۾ نوڪري پڻ اختيار ڪئي هئي ۽ دفاعي علائقي ۾ هڪ بنگلي تي ڊيوٽي ڪندو هو، جتي رات جو پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي لاءِ وال چاڪنگ ڪندو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔