ڊيپ سيڪ نئون ماڊل2 آڻڻ لاءِ ڪم تيز ڪري ڇڏيو

ڪراچي: مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ پوري دنيا ۾ ڌوم مچائيندڙ چيني ڪمپني ’ڊيپ سيڪ‘ پنهنجو اپ گريڊيڊ ماڊل تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي ۽ مئي ۾ R2 ماڊل جاري ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. هلندڙ سال جنوري ۾ هن ڪمپني R1 ماڊل جاري ڪيو هو جيڪو چند هفتن ۾ ايپل جي اسٽور تي ٽاپ تي پهچي ويو هو. هن ڪمپني جي ان ماڊل آمريڪا جي ٽاپ آءِ ٽي ڪمنين جي3 شيئرز کي هڪ هزار ارب ڊالر جو نقصان ڏنو هو. رائٽرز جي خبر موجب نئون ماڊل وڌيڪ جاندار هوندو جنهن سان پڻ آمريڪي ڪمپنين کي هڪ ٻيو وڏو ڌچڪو پهچي سگهي ٿو. نئين ماڊل ۾ وسيع فيچر هوندا ۽ مختلف دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ جي سهولت به هوندي. ڇو ته پهرين ماڊل ۾ رڳو انگريزي زبان جي سهولت هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔