ڪابل: افغانستان ۾ برسات، ٻوڏ ۽ برفباري تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 29 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب افغان اختيارين تصديق ڪئي آهي ته افغانستان جي 2 صوبن ۾ برفباري ۽ تيز برسات سبب 29 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
اختيارين ٻڌايو ته مغربي صوبي فراهه ۾ برفباري جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن فوت ٿي ويلن ۾ 2 خاندانن جا ماڻهو شامل آهن جيڪي سير ۽ تفريح جي لاءِ ويل هئا. انهي کان علاوه ڏکڻ قندهار ۾ مختلف هنڌن تي تيز برسات سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن
اختيارين ٻڌايو ته قنڌار ۾ 4 عورتون جيڪي ڪپڙا ڌوئڻ م مصروف هيون ته ٻوڏ جي پاڻي ۾ وهي ويون جنهن مان صرف هڪ عورت زنده بچي سگهي جڏهن ته هڪ ٻار به ٻڏي فوت ٿي ويو، انهي کان علاوه هڪ ڇت ڪرڻ سبب عورت ۽ 3 ٻار فوت ٿي ويا. واضح رهي ته افغانستان کي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڇهون سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪ قرار ڏنو ويو آهي.
گڏيل قومن 2023 ۾ چيو هو ته افغانستان ۾ خشڪ سالي، ٻوڏ، زمينن جي تباهي ۽ زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي اهم خطرا آهن، افغانستان ۾ گذريل سال مئي ۾ ٻوڏ سوين ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون هيون ۽ وڏي پيماني تي زرعي زمينن کي نقصان پهتو هو.