ڪراچي : ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1046 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 99 هزار رپيا ٿي وئي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ 8 ڊالر واڌ کانپوءِ في اونس سون جي قيمت 2861 ڊالر آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن في تولو سون رڪارڊ 3 لک 46 رپين جو ٿي ويو هو.