اسلام آباد: پرڏيهي وزارت مختلف ملڪن جي لاءِ نون سفيرن جي مقرري جي سمري وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.
سمري موجب رحيم حيات قريشي جي برسلز ۾ پاڪستاني سفير ۽ سفير براءِ يورپي يونين مقرري جي تجويز ڏني وئي آهي.
سمري ۾ زاهد حفيظ چوڌري کي انڊونيشيا ۾ پاڪستان جو نئون سفير مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي. سمري موجب عبدالحميد بهڻه جاپان، معظم شاهه ڏکڻ ڪوريا، ملڪ فاروق ڏکڻ آفريقا، عادل گيلاني مراڪش ۽ حيدر شاهه کي نيدرلينڊز ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
انهي کان علاوه عادل شوڪت مصر، مرغوب سليم بٽ سوئٽزرلينڊ ۽ شهريار اڪبر کي چيڪ ري پبلڪ ۾ سفير مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزارت موجب سمري جي منظوري وزيراعظم شهباز شريف ڏيندو.