راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ جاري آپريشن ردالفتنه 1 ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي.آءِ ايس پي آر موجب پنجگور ۽ هرنائي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 216 دهشتگرد مارجي ويا جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي پراڪسي نيٽ ورڪس کي شديد جهٽڪو پهتو، قيادت سميت ڪمانڊ سسٽم کي به تباهه ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فتنته الهندستان جي بلوچستان ۾ بدامني جون ڪوششون خاڪ ۾ ملايون ويون. انهي آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن کان پرڏيهي هٿيار، ڌماڪيدار مواد ۽ جديد اوزارن جو وڏو ذخيرو هٿ آيو آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي ٻاهرين سهولتڪاري ۽ لاجسٽڪ سپورٽ جون پڪيون شاهديون موجود آهن. آءِ ايس پي آر موجب انهي آپريشن جي دوران 36 معصوم شهري شهيد ٿيا، جڏهن ته ملڪ جي دفاع ۾ 22 بهادر جوانن شهادت ماڻي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن جي قربانين کي سلام آهي. قوم شهيدن جي گهر ڀاتين سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي ۽ اسان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين.
تبصرے بند ہیں۔