جيفري ايپسٽين سان ڪو به تعلق ناهي،انوراگ

ممبئي : مشهور هندستاني فلمساز ۽ هدايتڪار انوراگ ڪشيپ سزا يافته جنسي مجرم جيفري ايپسٽين جي تازي دستاويزن ۾ پنهنجو نالو سامهون اچڻ کان پوءِ پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.هندستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب، انوراگ ڪشيپ انٽرنيٽ تي گردش ڪندڙ خبرن جي ترديد ڪئي آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته هن جو سزا يافته ٻارن سان زيادتي ڪندڙ جيفري ايپسٽين سان ڪو به تعلق ناهي.هندستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب، انوراگ ڪشيپ جو ذڪر هڪ اي ميل ٿريڊ ذريعي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ايپسٽين فائلن ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مختلف بين الاقوامي ورڪشاپس جي امڪاني شرڪت ڪندڙن جي فهرست شامل آهي.

تبصرے بند ہیں۔