اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ جي هوندي به فوجي عدالت ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو: آئيني بينچ

اسلام آباد: سويلينز جي ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي دوران آئيني بينچ سوال اٿاريو ته اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ جي هوندي به فوجي عدالت ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ فوجي عدالت ۾ دهشتگردن جي ٽرائل لاءِ آئين ۾ ترميم ڇو ڪرڻي پئي.؟

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏنا

دليل ڏيندي خواجه حارث چيو ته ڏوهه جي نوعيت سان طئي ٿيندو آهي ته ٽرائل ڪٿي هلندو، جيڪڏهن سويلين جي ڏوهه جو تعلق آرمڊز فورسز سان ٿئي ته ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ويندو، انهي تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان نيت کي به ڏسي سگهون ٿا، ڏوهه ڪندڙ جو مقصد ڪهڙو هو. ڇا ڏوهه جو مقصد ملڪ جي مفاد خلاف هو.

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته هڪ سوال پڇيو ويو هو جي ايڇ ڪيو تي حملو، ايئربيس ڪراچي تي حملي جو ڪيس ملٽري ڪورٽس ڇو نه ويو؟ انهي سوال جو جواب 21هين آئيني ترميم جي فيصلي ۾ موجود آهي جنهن تي دفاع واري وزارت جي وڪيل جواب ڏنو ته 21هين ترميم ڪيس ۾ جي ايڇ ڪيو حملو، ايئر بيس حملو، فوج تي حملي ۽ عبادتگاهن تي حملن جي تفصيل جو ذڪر آهي.

دفاع واري وزارت جي وڪيل چيو ته آرمي ايڪٽ جي تحت ڏوهه جو ڳٺ جوڙ ٿيو ته ملٽري ٽرائل ٿيندو، ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل آرمي ايڪٽ جي تحت ڏوهه جو هوندو آهي، جنهن تي جسٽس مندوخيل سوال ڪيو ته ڏوهه جي ڳٺ جوڙ سان ڪهڙي مراد آهي؟ خواجه حارث جواب ڏنو ته ڳٺ جوڙ سان مراد آهي ڏوهه جو تعلق آرمي ايڪٽ سان آهي، جسٽس مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا ڳٺ جوڙ سان گڏ ڏوهه جو ارادو ڪندڙ جي نيت به ڏٺي ويندي؟

جسٽس امين الدين چيو ته جوابدار ملٽري ٽرائل ۾ ڏوهه جي نيت نه هجڻ جو دفاع وٺي سگهي ٿو، جسٽس مندوخيل چيو ته جوابدار چئي سگهي ٿو ته منهنجو اهو ڏوهه ڪرڻ جو ارادو نه هو. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته نيت جو جائزو ته ٽرائل جي دوران وٺي سگهجي ٿو. انهي موقعي تي دفاع واري وزارت جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن ڏوهه جو تعلق آرمي ايڪٽ سان هجي ته ٽرائل فوجي عدالت ڪندي.

جسٽس جمال سوال ڪيو ته ڇا  آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ۾ ڳٺ جوڙ موجود هو؟ جنهن تي خواجه حارث جواب ڏنو ته اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ بالڪل موجود هو، هڪ ڳٺ جوڙ يا تعلق ڪنهن فوجي آفيسر، ٻيو فوج سان لاڳاپيل ڏوهه سان ٿيندو آهي.

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ جي هوندي به فوجي عدالت ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو؟ فوجي عدالت ۾ دهشتگردن جي ٽرائل لاءِ آئين ۾ ترميم ڇو ڪرڻي پئي؟ جنهن تي دفاع واري وزارت جي وڪيل جواب ڏنو ته ترميم ۾ ڊسيپلين ۽ فرضن کان هٽي ڪري ڪيترائي ڏوهه به شامل ڪيا ويا هئا.

جسٽس مندوخيل سوال ڪيو ته دهشتگرد گروپ يا مذهب جي نالي تي دهشتگردانه ڪارروائين تي ٽرائل ڪٿي هلندو؟ دفاع واري وزارت جي وڪيل جواب ڏنو ته آرمي ايڪٽ جي تحت دهشتگرد گروپ يا مذهب جي نالي تي دهشتگردي جي واقعن تي ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ هلندو. آئيني ترميم کان سواءِ به اهڙي ڏوهن جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل هلي سگهي ٿو جنهن کان پوءِ آئيني بينچ عدالتي وقت ختم ٿيڻ تي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔