جوڊيشل ڪميشن جي 3 اجلاسن جي ايجنڊا جاري، ججز مقرري بابت فيصلا ڪيا ويندا

اسلام آباد:  چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس 2 ڊسمبر تي ٿيندو. 2 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ جوڊيشل ڪميشن جا 3 اجلاس ٿيندا.

جوڊيشل ڪميشن طرفان ٽنهي اجلاسن جو ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ مستقل جج جي مقرري، چيف جسٽس سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس جي لاءِ نالن جي منظوري ڏني ويندي.

2 ڊسمبر تي جوڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس 01:30 ٻيون اجلاس 2 وڳي جڏهن ته ٽيون اجلاس 02:30 وڳي ٻنپهرن جو ٿيندو. ايجنڊا موجب جوڊيشل ڪميشن جي پهرين اجلاس ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مقرري تي غور ٿيندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي مقرري لاءِ پهرين 3 سينئر ججز جي نالن تي غور ٿيندو.

جوڊيشل ڪميشن جي ٻئين اجلاس ۾ چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي مقرري تي غور ٿيندو، مستقل چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي مقرري لاءِ پهرين ٽن سينئر ججز جي نالن تي غور ٿيندو، جوڊيشل ڪميشن جي ٽئين اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان هڪ جج جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري تي غور ٿيندو.

سپريم ڪورٽ ۾ جج جي مقرري لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پهرين ٽن سينئر ججز جي نالن تي غور ڪيو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 سينئر ججز ۾ چيف جسٽس سرفراز ڊوگر، جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شامل آهن.

تبصرے بند ہیں۔