ڪراچي: جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته معيشت جي بهتري تي حقيقتون سامهون اچڻ گهرجن.
مولانا فضل الرحمان ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته معيشت جي بهتري تي حقيقتون سامهون اچڻ گهرجن، معيشت جي بهتري جا صرف اشارا ملي رهيا آهن.
هن چيو ته ملڪي معيشت جي بهتري اسان جي آرزو آهي، عوام کي ثمرات ملندا ته ثابت ٿيندو ته معيشت بهتر ٿي، جيستائين روپئي جي قيمت کي هٿي نه ملندي، عام ماڻهو کي رليف نٿو ملي سگهي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين جي حوالي سان اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو، اسان کي خبر ناهي اهي ڇا چئي رهيا آهن ۽ ڇا ڪري رهيا آهن، سياستدانن تي افسوس آهي ته سمجهوتو ڪري ٿا وٺن، ملڪ جو نظام بهتر ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو.
ڪالاباغ ڊيم ۽ پنجاب طرفان نون ڪئنالن جي سوال تي مولانا فضل الرحمان چيو ته سمورا معاملا قومي اتفاق راءِ سان حل ٿيڻ گهرجن.
هن چيو ته ملڪ تي پنهنجو قبضو رکڻ جي لاءِ جمهوريت جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي، هي چاهين ٿا ته اقتدار هنن جي هٿن ۾ رهي پوءِ ڀلي انهي لاءِ هنن کي ڪجهه به ڪرڻو پوي. مولانا فضل الرحمان چيو ته شڪايت سياستدانن سان آهي جيڪي آئين، جمهوريت ۽ اصولن تي سمجهوتو ڪري وٺندا آهن، ملڪ ۾ اصل گرفت انهن جي آهي اسان صرف پارليامينٽ ۾ ويٺل رهندا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ عوام جي ڪهڙي حيثيت رهجي ويندي، انهي جو مطلب آهي ته عوام جو مذاق اڏايو پيو وڃي، اوهان کي عوام جو مذاق اڏائڻ جو ڪوبه حق نه آهي.