غريب ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم تائين پهچ يقيني بڻائڻي پوندي:وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نياڻين کي تعليم تائين پهچ ۾ ڪيترائي چئلينج آهن، تعليم هر معاشري ۾ بنيادي حق آهي، غريب ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم تائين پهچ يقيني بڻائڻي پوندي، تعليم جي شعبي ۾ چئلينجن کي هر صورت ۾ ختم ڪرڻو پوندو، ملال يوسفزئي جي ڪانفرنس ۾ شرڪت اعزاز جي ڳالهه آهي. اسلام آباد ۾ عورتن جي تعليم ۾ چئلينجن بابت ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جاري آهي. ڪانفرنس ۾ نوبل انعام يافته ملالا يوسف زئي سميت ٻين جي شرڪت ڪئي. عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چئي ٿو، ملالا يوسفزئي به شريڪ آهي، کين ڀليڪار ڪريون ٿا، بادشاهه سلمان ۽ محمد بن سلمان جي ڪانفرنس ۾ سهڪار تي ٿورائتا آهن. سندس چوڻ هو ته هر معاشري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بنيادي حق آهي، اربع ڪريم سڀني لاءِ هڪ مثال آهي، نياڻين کي تعليم تائين پهچ ۾ ڪيترائي چئلينج آهن، عورتن جي حقن کي يقيني بڻائڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي تقرير ۾ حضرت بي بي خديجه رضه جو واپار لاءِ ڪيل ڪوششن جو حوالو ڏنو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير کي خدمتن تي ڀيٽا به پيش ڪئي. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي، مريم نواز پهرين عورت وزيراعليٰ آهي، عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم چيو ته نياڻين کي اڄ به تعليم ۾ ڏکيائيون پيش آهن، عورتن کي تعليم ڏيارڻ سان ئي معاشرو ترقي ڪندو آهي، نياڻين جي تعليم تائين پهچ موجوده وقت ۾ وڏو چئلينج آهي. شهباز شريف چيو ته نياڻين کي فني تعليم جي هنر سان مالا مال ڪرڻو پوندو، دانش اسڪول مان تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردڻيون اڄ سڀني آڏو روشن مثال آهن، ڇوڪرين جي معياري تعليم سان معاشرو مضبوط ۽ ترقي يافته ٿيندو، شاگردياڻيون پنهنجي قابليت سان عالمي معيشيت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔