سرڪاري اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد

لاهور : لاهور هاءِ ڪورٽ سرڪاري اسڪولن جي آئوٽ سورسنگ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس شاهد ڪريم سرڪاري اسڪولن جي آئوٽ سورسنگ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پنجاب حڪومت جو سرڪاري اسڪولن جي پرائيويٽائيزيشن جو قدم خلاف قانون آهي، سرڪاري اسڪولن جي پرائيويٽائيزيشن ٿيندي ئي فيسن ۾ واڌ ڪئي ويندي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سرڪاري اسڪولن ۾ غريبن جا ٻار بنيادي تعليم کان محروم آهن، پنجاب حڪومت جي اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.سرڪاري وڪيل چيو ته بند پيل سرڪاري اسڪول پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي آئوٽ سورس ڪيا پيا وڃن، آئوٽ سورس اسڪول به پنجاب حڪومت جي ماتحت رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔